اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻن??ي ع??يم ملڪن مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي ع??ب دوستي جي ڊگهي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن، سعودي ع??ب تازو ئي آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر جي اهتمام هيٺ پاڪستان ۾ تعليم، صحت، بحالي ۽ ترقياتي منصوبن ۽ خدماتي سهولتن جي لاءِ گڏيل تعاون جي پروگرامن ۽ عملدرآمدي معاهدن تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي ع??ب جو سفير نواف بن سعيد المالڪي، اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار، اين سي ايڇ ڊي جو چيئرمين، پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جو چيئرمين ۽ ٻين عملدارن کانسواءِ ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر جو اسسٽنٽ سپروائيزر جنرل انجنيئر احمد علي ع??دالله الباعث پڻ موجود هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ گهڻ رخي فورمز تي تعاون قائم آهي، گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏجي ڪم ڪنداسين، پاڪستان ايندڙ سال پهرين جنوري کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ سنڀالي رهيو آهي، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌائيندا، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ سعودي ع??ب پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر تحت مختلف منصوبن تي صحيحن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي، ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر ۽ سعودي ع??ب جي حڪومت پاڪستان جي عوام جي سدائين مدد ڪئي آهي جنهن کي پاڪستان جي عوام ڪڏهن به نه وساريندي. هن ان موقعي تي خادم الحرمين الشريفن شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان نا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ منفرد دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. هن چيو ته سعودي ع??ب ۽ ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر جي پاڪستان ۾ امدادي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان نالو سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته انهن منصوبن سان پاڪستان کي مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي جي ڪم ۾ مدد ملندي، اهي منصوبا سعودي ع??ب جي پاڪستان سان وابستگي جو هڪ ڀرپور اظهار آهي. نائب وزيراعظم چيو ته سعودي ع??ب جو هڪ واپاري وفد سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ان اهم تقريب ۾ شرڪت اعزاز جوڳي آهي. هن ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر ۽ نائب وزيراعظم جا تقريب ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. شاهه سلمان ۽ شهزادي ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ريليف جي ڪم بابت دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر 102 ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. تقريب کي اسسٽنٽ سپروائيزر جنرل ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر انجنيئر احمد علي ع??دالله الباعث خطاب ڪندي سعودي ع??ب جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ريليف سينٽر جو بنياد 2015ع ۾ رکيو ويو، ان تحت ٽي هزار کان وڌيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي جن جي ماليت 7 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته ريليف سينٽر سان سڄي دنيا ۾ 450 پارٽنرز مختلف شعبن ۾ فلاحي ڪم سان واڳيل آهن. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن جي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪري رهيا آهيون جن تي 14 ملين ڊالر جي رقم خرچ ڪنداسين، انهن مان پهريون منصوبو آزاد ڪشمير ۾ پونچ ۽ باغ ۾ چار سيڪنڊري اسڪولن جي تعمير جو آهي، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) سان گڏجي 300 فيڊرل اسڪول ٺاهينداسين جن کي تڪميل تي اين سي ايڇ ڊي جي حوالي ڪيو ويندو ۽ هڪ سال دوران 100 اسڪول ٺاهيا ويندا جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ جي سمورن صوبن ۾ 5 هزار اسڪول تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ اسڪولن ۽ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن جي رڪيل منصوبن کي بحال ڪيو ويندو، 2022ع جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار گهر تعمير ڪيا ويندا جڏهن ته پاڪستان ۾ اين ڊي ايم اي سان گڏجي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائينداسين، اڄ جا منصوبا جاري منصوبن جو تسلسل آهي، پاڪستان ۾ 247 منصوبن تي ڪم جاري آهي، اميد آهي ته اڄ جن منصوبن جو افتتاح ڪيو پيو وڃي انهن سان پاڪستاني ڀائرن جي مدد ٿيندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اين ڊي ايم اي جي محمد ادريس محسود چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري مسلسل خطرو درپيش آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي حڪومت ۽ ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر پاڪستاني عوام جي امداد جاري رکندا. هن چيو ته اڄ ٿيندڙ معاهدا پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ لاڳاپن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. ڊائريڪٽر جنرل نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ اصغر علي ان موقعي تي چيو ته تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ اسڪولن جي قيام جي لاءِ اين سي ايڇ ڊي کي ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر جي رهنمائي ۽ حمايت حاصل آهي، ڏورانهن ۽ محروم علائقن ۾ اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن جن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا پٺتي پيل علائقا به شامل آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ محدود سهولتن وارن علائقن ۾ 30، 30 اسڪول قائم ڪيا ويندا جڏهن ته مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ جهڙن بنيادن تي تعليم جي شعبي ۾ ترقي کي يقيني بڻايو ويندو. هن ان موقعي تي ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر سان ريليف جي ڪمن ۾ معاونت تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي صدر شاهد احمد لغاري ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر جي معاونت سان نوان منصوبا اميد جي هڪ ڪرن آهي، سعودي ع??ب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، اسڪولن جي تعمير ۽ رهائشي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ سڄي پاڪستان ۾ مصيبتن جو شڪار ماڻهن جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، ان موقعي تي به سعودي ع??ب پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي هئي. ان موقعي تي ڪنگ سلمان هيومنٽيرين اينڊ ريليف سينٽر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جن تحت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هيومن ريسورس فيسليٽي اسلام آباد ۾ قائم ڪئي ويندي، اپر چترال ۾ ايجوڪيشن فار آل تحت اسڪول قائم ڪيا ويندا جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گهر تعمير ڪيا ويندا جنهن سان 7 هزار ماڻهو فائدو کڻندا. مفاهمتي يادداشتن تحت آزاد ڪشمير کانسواءِ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جا مرڪز قائم ڪيا ويندا ۽ اهڙن متاثر مرڪزن جي بحالي جو ڪم ڪيو ويندو. تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهرن، سعودي سفارتڪارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.