اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ن??جو??نن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شموليت سان پاڪستان جي ن??جو??نن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد سان ڳال??ائ??ندي ڪيو جنهن وزيراعظم ??ائ??س ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ۽ جمهوري ادارن جي لاءِ دولت مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ن??جو??نن کي بااختيار بڻائن، بهتر گورننس ۽ موسمياتي تبديلي تي دولت مشترڪه سان تعاون جي حڪومت جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته 30 سالن کان گهٽ عمر جا ن??جو??ن جيڪي پاڪستان جي آبادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهن انهن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام پاران کنيل مختلف قدمن تي روشني وڌي ۽ م??جو??ه دور جي هاءِ ٽيڪ عالمي معيشت تائين پاڪستاني ن??جو??نن جي پهچ ۽ ان شعبي ۾ ترقي جا موقعا وڌا??ڻ جي لاءِ دولت مشترڪه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ ان پروگرام جي سڌوسنئون نگراني وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ ن??جو??نن کي بااختيار بڻا??ڻ جي قدمن جي عزم جي عڪاسي آهي. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ سڌوسنئون اڳڀرائي ڄاڻڻ جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ ڪامن ويلٿ جي پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي آڇ ڪئي. هن پاڪستان کي ڪامن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيلي جنس ڪنسورشيم ۾ شموليت جي پڻ دعوت ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري شعبي ۾ گورننس ۽ شفافيت کي وڌيڪ بهتر بڻا??ڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سي اي آءِ اي ۾ شموليت جي دعوت جي پڻ آجيان ڪئي جتي پاڪستان جي ن??جو??نن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جهڙي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا ۽ پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ بااختيار ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ جي گڏيل ترجيح قرار ڏنو. هن 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي موسمياتي تبديلي جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پوري دنيا ۾ مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جو آواز پهچا??ڻ جي قدمن کي سارا??يو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باڪو ۾ ايندڙ ڪوپ – 29 جي موقعي تي پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن جي خطري ۾ ورتل آهن، جي لاءِ وڌيڪ عالمي تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪامن ويلٿ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته هو هلندڙ سال جي آخر ۾ سموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو منتظر آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل اهڙي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جي ذريعي ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري دولت مشترڪه جي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ دولت مشترڪه جي معاملن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سندس پاڪستان ۾ ڪامياب ۽ لاڀائتي قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پي ايم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ م??جو?? هئا.