اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گي??س فائونڊيشن جي ??ريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو ج?? خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ??رقي ۽ خاص طور تي صحت جي ??دمتن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي ??وڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي ??صيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي ??هم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي ??اوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو ج?? خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششو?? ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو ج?? خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدارن جي ??عاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.