اسلام آباد-18 جون (ا?? پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پر??يهي فوج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يونين ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پر??يهي وزير انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ۾ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ايس پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايس پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ واپار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پر??يهي وزير پاڪستان طرفان جي ايس پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿار??ل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.