اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته علاج جون معياري سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آهي، ??ڪو??ت صحت جي شعبي ۾ سڌارا شروع ڪيا آهن، نجي شعبي کي ڏورانهن علائقن ۾ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ??ڪو??ت پاران هر ممڪن تعاون ??را??م ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به مو??ود هو جڏهن ته پنجاب ??ي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب جي سمورن مستقل رهواسين کي ڊسمبر 2021ع تائين صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر ٿي ويندي جنهن جي ڪري سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن م علاج ممڪن ٿي سگهندو.